بلبل چشم

بُلبل چشم: نصرپور جي ڪورين جو ٺهيل خاص ڊزائن وارو رنگين کيسُ، جنهن ۾ بنيادي ٻه رنگ هوندا آهن. هن کيس جي تر ۾ ننڍڙن چورس خانن ۾ بلبل جي اک جهڙا سهڻا خانا ٿين. ”بلبل چشم“ جيتوڻيڪ بنيادي طرح ٻن رنگن وارو کيسُ آهي، پر جيئن ته گلڪاريءَ لاءِ منجهس وڌيڪ رنگ وڌا ويندا آهن، تنهنڪري هن کيس جي پيٽي ۾ پنج رنگ ملن ٿا. انهن ۾ ڏکيون ڊزائنون بلبل چشم ۽ گلزار آهن، انهن جو مُلهه به گهڻو ٿيندو آهي .


لفظ بلبل چشمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو